روميو اينڊ جوليٽ

روميو اينڊ جوليٽ (Romeo & Juliet): مشهور انگريز شاعر ۽ ڊرامانگار شيڪسپيئر جو لکيل ڊرامو ’روميو ۽ جوليٽ‘ 95-1594ع ڌاري اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ 1597ع ۾ شايع ٿيو. روميو ۽ جوليٽ جا ڪردار ادب، موسيقي، ناچ ۽ ٿئيٽر ۾ ملن ٿا. جاني دشمن خاندانن جي هنن ٻن فردن جي محبت، مقامي خيالن کي ڪافي متاثر ڪيو. شيڪسپيئر کان اڳ انگريز شاعر آرٿر بروڪ ‘The Tragic Story of Romeo and Juliet’ لکي هئي، جيڪا ئي شيڪسپيئر جي ڊرامي جو بنياد بڻي. هن جوڙي جا نالا مغربي ادبي دنيا ۾ ’سسئي پنهونءَ‘ ۽ ’ليليٰ مجنونءَ‘ وانگر محبت جي علامت طور استعمال ٿيندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ناول جا ڪي ترجما شايع ٿيل آهن، جن مان سڀني کان اهم ۽ اڳ ۾ ڇپيل ترجمو 1909ع ۾ مرزا قليچ بيگ ’گلزار ۽ گلنار‘ جي نالي سان ڪيو هو. اصل ڊرامو الميه (tradegy) هو، پر مرزا قليچ بيگ ان جو انت بدلائي سک- انت ڪيو هو. ان ڊرامي جي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جي حوالي سان منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”منجهس جيڪي کليا يا عشق بازيءَ جا چهچٽا ۽ زبانون هيون، تن تي سوسائٽيءَ جي ڪائونسلرن اعتراض اٿاريو، جنهنڪري هي هڪڙو ئي ناٽڪ هو، جو ڇپايو به ويو، پر اسٽيج تي ڪڏهن به ڪرڻ ۾ نه آيو.“
’روميو جوليٽ‘ جي نالي سان انگريزيءَ ۾ فلم به ٺاهي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو